سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي سنڌ ۾ ڪارروايون جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

August 23, 2017 at 9:41 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي( م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب آرڊيننس جي خاتمي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي دوران عبوري حڪم برقرار رکندي قومي احتساب بيورو کي ڪارروايون جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ نيب آرڊيننس جي خاتمي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار ايم ڪيو ايم پاڪستان، مسلم ليگ فنڪشنل، تحريڪ انصاف ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا پيش ٿيا، جڏهن ته عدالت ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ پراسڪيوٽر جنرل نيب به پيش ٿيا. نيب طرفان صوبائي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل عدالت ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو ته سنڌ اسيمبليءَ جو نيب رد ڪرڻ جو قانون آئين سان ٽڪراءَ، غير قانوني ۽ غير آئيني آهي، پ پ سمورن ضابطن ۽ قائدن کي مٿڀرو رکي بل منظور ڪيو، سنڌ جي گورنر جي خدشن باوجود سنڌ اسيمبليءَ جلديءَ ۾ قانونسازي ڪئي، جڏهن ته ڄاڻايل قانون تحت بحث تائين نه ڪرايو ويو آهي. نيب جواب ۾ چيو ته سنڌ اسيمبليءَ کي وفاقي قانون خلاف قانونسازي جو ڪو به اختيار ناهي،  پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ نيب قانون جي منظوري ڏئي چڪيون آهن، نيب  فاٽا ۽ گلگت بلتستان ۾ به ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. نيب طرفان درخواست ڪئي وئي ته ڄاڻايل ايڪٽ کي غير قانوني قرار ڏئي رد ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب جي جواب تي صوبائي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو ۽ نيب آرڊيننس خلاف درخواست تي پنهنجو عبوري حڪم برقرار رکندي چيف سيڪريٽري سنڌ کي حڪم ڏنو ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ايڊووڪيٽ جنرل درخواست ڪئي ته درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي تنهن ڪري دليلن جي تياري لاءِ مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت ٻڌڻي 11 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اي پيپر