سنڌ هاءِ ڪورٽ جو صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار کي نيب آڏو پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم
August 8, 2017 at 8:15 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال تي قانون واري صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار کي نيب آڏو پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قانون ۽ جيلز واري صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس ڪي ڪي آغا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ضياءَ الحسن لنجار خلاف ڪرپشن جا سنگين الزام آهن، بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ کيس طلب ڪيو ويو پر هو نه آيو ۽ نه ئي جاچ ۾ سهڪار ڪري رهيو آهي جنهن تي جسٽس ڪي ڪي آغا ضياءَ الحسن لنجار کي چيو ته جيڪڏهن نيب سان سهڪار نه ڪندا ته اوهان جي ضمانت رد ڪئي ويندي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ضياءَ لنجار اوهان کي خبر آهي ته اوهان عبوري ضمانت تي آهيو. عدالت ضياءَ لنجار کي نيب وٽ وڃي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي نيب کان ٽن هفتن ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ ٻڌڻي ۵ سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.