سنڌ هاءِ ڪورٽ بشير هاليپوٽو کي نااهل قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ ايم پي اي بشير هاليپوٽو کي نااهل قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، بشير هاليپوٽو کي اليڪشن ڪميشن حسام مرزا جي ڌانڌلين خلاف  درخواست تي نااهل قرار ڏنو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پ پ ايم پي اي بشير هاليپوٽو کي نااهل قرار ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت اليڪشن ڪميشن پاران بشير هاليپوٽو کي نااهل قرار ڏيڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اليڪشن ڪميشن اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پٽ حسام مرزا جي چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت درخواست تي پيپلز پارٽي جي ايم پي اي بشير هاليپوٽو کي نااهل قرار ڏنو هو، جنهن خلاف هن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *