ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اي ڊي خواجا بطور آءِ جي سنڌ مقرري تي حڪم برقرار رکندي درخواست ڪندڙ جي وڪيل فيصل صديقي جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ٻڌڻي 16 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي خميس تي جسٽس منيب اختر تي ٻڌل بينچ جي عدالت ۾ حڪمن باوجود آءِ جي سنڌ کي عهدي تان هٽائڻ تي داخل ٿيل توهين عدالت درخوست جي ٻڌڻي ٿي عدالت ۾ ايڊووڪيٽ سنڌ ضمير گھمرو پيش ٿيو عدالت ۾ وڪيل فيصل صديقي جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي جواب ۾ سينارٽي ۽ او پي ايس جا معاملا نه اٿاريا ويا ۽ سنڌ حڪومت پنهنجي جواب ۾ تسليم ڪيو آهي ته اي ڊي خواجا جو ڪيس انيتا تراب ڪيس جي ضمري ۾ اچي ٿو وڪيل وڌيڪ چيو ته وفاق آءِ جي سنڌ اي ڊي خوجا جي مقرري جو نوٽيفڪيشن مارچ 2016 ۾ جاري ڪيو ۽ سنڌ حڪومت پاران اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائي سردار عبدالمجيد دستي کي وقتي آءِ جي سنڌ جي چارج ڏني وئي اي ڊي خوجا کي بدنيتي جي بنياد تي هٽايو ويو آ ءِ جي سنڌ پنجن سالن تائين عهدي تي مقرر رهي سگھي ٿو عدالت فيصل صديقي جا دليل مڪمل ٿيڻ تي درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊووڪيٽ احسن صديقي جو چوڻ هيو ته اڄ دليل مڪمل ڪيا آهن جيستائين پوليس ۽ عدليا آزاد نه ٿي ٿيندي تيستائين ماڻهن جي جان ۽ مال کي تحفظ نه ملندو.