سنڌ حڪومت عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي: سپريم ڪورٽ

March 14, 2017 at 5:30 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) عدالت سڳوريءَ جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت اميدن تي پورو لهڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ قانون کي پاسي تي رکي سنڌ کي تباهه ڪيو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ ڪول اٿارٽي ۾ مبينا غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، درخواست گذار موقف اختيار ڪندي چيو ته ڊي جي ڪول اٿارٽي دانش سعيد امتحان پاس ڪرڻ کان بنا عهدي تي موجود آهي، عدالت جي روبرو ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ڊي جي ٿر ڪول دانش سعيد جي غير قانوني مقرريءَ جو اعتراف ڪري ورتو جنهن تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، جسٽس فائز عسيٰ پنهنجا ريمارڪس ڏيندي چيو ته تعليم يافتا ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، دانش سعيد کي صرف ان ڪري “ڊي جي” جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي ڇو جو اهو اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ جو پرسنل اسسٽنٽ رهيو آهي، ان آفيسر کي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪرڻ ۾ قانون ۾ نرمي ڪئي وئي، جڏهن ته وزير اعليٰ کي به قانون ٽوڙڻ جو اختيار ناهي، هن چيو ته ڊي جي جي مقرري بورڊ جو اختيار آهي، پر اهو ڪم ايم ڊي ڪري رهيو آهي جيڪو پاڻ غير قانوني مقرر ٿيل آهي، جسٽس فائز عيسيٰ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪومت عوام اڳيان جوابدار آهي، ان کي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين، قانون کي پاسي تي رکي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، اهو معاملو ڏسندي اسان کي تمام تڪليف اچي ٿي.

اي پيپر