سنڌ حڪومت خراب حڪمراني ۽ ڏوهارين جي پشت پنهائي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن:جلال محمود شاهه
June 3, 2017 at 7:03 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(پ ر) سنڌ حڪومت خراب حڪمراني ۽ ڏوهارين جي پشت پنهائي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. جنهن جو ثبوت ٿر ۾ 13 سئو ٻارن جي مرڻ جو سرڪاري سطح تي اعتراف ۽ سنڌ پوليس جي آءِ جي طرفان سنڌ اندر هڪ لک گهربل ڏ/وهارين جي مفرور هجڻ جو اعتراف ڪرڻ آهي. جنهن مان 46 هزار صرف لاڙڪاڻي ۾ موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاه پنهنجي پريس بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ بنيادي صحت ۽ کاڌ خوراڪ جي سهولتن جي نه هجڻ سبب اڪثر نوان ڄمندڙ ٻار فوت ٿي وڃن ٿا. جنهن جي ذميواري سنڌ حڪومت ۽ ان جي لاڳاپيل وزيرن ، ڪامورن ، ۽ سرڪاري عملدارن جي ڪلهي تي آهي. افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته سنڌ جي حڪمران جماعت پ،پ جا وزير ۽ مشير ناجائز طريقن سان مال ميڙڻ ۽ ڏوهارين کي پناه ڏيڻ ۾ مصروف آهن جنهن سبب هو پنهنجي فرض شناسي ۽ حڪمراني ذميواري ۾ ڪوتاهي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ پوليس جي آءِ جي طرفان اهو اعتراف ڪرڻ ته سنڌ اندر هڪ لک گهربل ڏوهاري مفرور آهن جن مان 46 هزار صرف لاڙڪاڻي ۾ موجود آهن. اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته حڪمران جماعت پ،پ نه رڳو ڏوهارين جي پشت پنهائي ڪري ٿي پر ان کان گڏوگڏ اها ڏوهارين جي آمادگاهه بڻيل آهي. سيد جلال محمود شاه سنڌ جي عوام کي چيو آهي ته هو پ،پ جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي خلاف متحد ٿي اسان جا هٿ مضبوط ڪن ته جيئن مستقبل ۾ ايمانداري ۽ اهليت جي خوشحال سنڌ اڏي سگهجي.