سنڌ حڪومت جو گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو فيصلو

August 18, 2017 at 10:33 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (م ڊ): وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر کي پنهنجون سفارشون ٻن هفتن ۾ موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي، اهي هدايتون هن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪوٺايل هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون، وڏي وزير چيو ته اهو ڪاليج پنهنجي قيام جا 100 سالن ملهائڻ وڃي رهيو آهي، جيڪو تعليمي ادارو 100 سال تعليم ۾ مصروف رهيو هجي، ان کي يونيورسٽي بڻائڻ جو پورو حق آهي، اجلاس ۾ تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر، مظهرالحق صديقي، قاضي آصف عابد، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊ نويد شيخ، سيڪريٽري ڪاليجز پرويز سيهڙ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اي پيپر