سنڌ حڪومت آن لائن ٽيڪسي سروس بند ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون

February 1, 2017 at 12:00 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پنجاب حڪومت کان پوءِ سنڌ حڪومت به آن لائن ٽيڪسي سروس بند ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ طحه فاروقي اوبر ۽ ڪريم جي ايپلي ڪيشن بند ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي کي خط لکي ڇڏيو آهي. ٽرانسپورٽ واري وزير ناصر شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جيڪڏهن انهن سروسن کي فوري طور بند ڪرڻ چاهي ٿي ته ڪري سگهي ٿي پر پنجاب حڪومت جيان انهن سروسن تي پابندي ناهي لڳائي وئي بلڪ انهن کي ڪجهه قانوني تقاضا پورا ڪرڻ جي لاءِ خط لکيو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ اوبر سروس مون شروع ڪرائي ۽ ان جو افتتاح به پنهنجن هٿن سان ڪيو ۽ چاهيون ٿا ته اها سروس هلندي رهي پر هن کي قانوني تقاضا پورا ڪرڻا پوندا ۽ ان کان سواءِ انهن کي ڪم کان ناهي روڪيو ويو.

اي پيپر