سمورن سياسي قوتن جي لاءِ اسان جا دروازا کليل آهن: گورنر سنڌ
February 16, 2017 at 1:55 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي گورنر محمد زبير سان جماعت اسلامي جي وفد حافظ نعيم الرحمان جي سربراهي ۾ وفد گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي وفد جي وڌيڪ ميمبرن ۾ عبدالوهاب مظفر احمد هاشمي مسلم پرويز ۽ زاهد عسڪري شامل هئا ملاقات ۾ صوبي جي سياسي صورتحال ۽ شهر جي ترقياتي منصوبن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته منهنجا دروازا سمورن سياسي قوتن جي لاءِ کليل آهن هن چيو ته شفاف آدمشماري لاءِ فوج جي مدد ورتي پئي وڃي جڏهن ته چونڊ سڌارن جي ذريعي صاف شفاف چونڊن جي انعقاد کي يقيني بڻايو ويندو ڪراچي ملڪ جي معاشي شه رڳ آهي ملڪ جي ترقي ان جي ترقي ۾ ئي آهي صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان رابطو ڪندس. صوبي ۾ آباد سمورن ماڻهن کي گڏجي سنڌ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو وفد جي ميمبرن سنڌ جي گورنر کي شهر ۾ صفائي سٿرائي جي صورتحال چونڊ عمل ۾ درپيش ڏکيائين ڪي اليڪٽرڪ پاران شهرين جي شڪايت ۽ ٻين مسئلن کان آگاهه ڪيو.