سمورا ٽائونز ڊائريڪٽرز هڪ مهيني ۾ غير قانوني عمارتن جي رپورٽ تيار ڪن: ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي

June 21, 2017 at 10:25 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي آغا مقصود عباس رهائشي پلاٽن تي غير قانوني اڏاوت جي خلاف واسطيدار آفيسرن کي سخت ڪاروائي جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته سمورا ٽائون جا ڊائريڪٽر هڪ مهيني ۾ انهن عمارتن جي رپورٽ تيار ڪن، غير قانوني اڏاوتن ۾ ملووث آفيسر يا اسٽاف جي خلاف ايس آر او جي تحت کاتي پاران ڪاروائي عمل آندي ويندي. هن اها ڳالهه ايس بي سي اي ۾ آفيسرن جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي، هن چيو ته بلڊنگ معافيا ۽ پلاٽ جي مالڪن جي مدد سان ننڍن وڏن رهائشي پلاٽن تي بنگلوز جي قانوني پلان جي منظور وٺن ٿا پر غير قانوني طور تي انهن اڏاوتن کي يونٽن جي شڪل ۾ ٺاهين ٿا، جنهن ۾ واسطيدار آفيسر ۽ ان جي ما تحت اهڙو عمل ڪن ٿا. هن واضع ڪيو ته غير قانوني اڏاوتن جيڪو به آفيسر يا اسٽاف ملوث هوندو ته ان جي خلاف ايس او جي تحت کاتي پاران ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ايس بي سي اي پاران وڌيڪ سخت ايڪشن ورتو ويندو.

اي پيپر