سلمان حيدر رپورٽ داخل ڪرائڻ کان پاڻ انڪار ڪيو، ڪنهن کي گم ڪرڻ حڪومتي پاليسي ناهي: گهرو وزير

January 31, 2017 at 1:17 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار عليءَ چيو آهي ته نادارا ۽ پاسپورٽ آفيسون سڄي ملڪ ۾ قائم ڪرڻ جو ٽاسڪ هڪ سال اڳ ڏنو هو، چوڌري نثار علي خان اسلام آباد ۾ ايگزيڪيوٽو پاسپورٽ جي آفيس جو افتتاح ڪري ڇڏيو، افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار عليءَ جو چوڻ هو ته پاسپورٽ ايگزيڪيوٽو جي آفيس جو افتتاح خوشيءَ جھڙي ڳالهه آهي، مارچ جي پڄاڻيءَ تائين وڌيڪ 14 پاسپورٽ آفيسون ٺاهيون وينديون، ٽِن وڏن شهرن ۾ ميگا سينٽر به ٺاهيا ويندا، مارچ جي آخر تائين پاڪستان جو ڪو ضلعو پاسپورٽ آفيس کان سواءِ نه هوندو، جلد پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ 14 ايگزيڪيوٽو پاسپورٽ آفيسون کوليو وينديون، اسان سوا سال 74 نيون پاسپورٽ جون آفيسون کولڻ جو ارادو آهي، پشاور، ڪوئيٽا ۽ گجرانوالا ۾ به پاسپورٽ آفيسون جلد کوليون وينديون، گم ٿيل پروفيسر جي گھر وارن گھرو وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو آهي، سلمان حيدر رپورٽ داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪيو آهي، ڪنهن کي غائب ڪرڻ حڪومت جي پاليسي ناهي، گم ٿيل ماڻهن بابت گذريل هفتي گھڻيون ڳالهيون ٿيون، معاملي تي سينيٽ ۾ بيان ڏنو، سينيٽ چيئرمين کي به آگاهه ڪيو، گم ٿيل ماڻهو پنهنجي گھر پهچي چڪا آهن، عمران خان آمريڪا جي ويزا نه ملڻ جي ڳالهه ڪنهن بابت ڪئي، اها مون کي خبر نه آهي، گھرو وزير وڌيڪ چيو ته  دهشتگرديءَ خلاف عالمي سطح تي اتحاد ۽ اتفاق وڌائڻو پوندو، آمريڪي قدمن سان دهشتگرديءَ ۾ گھٽتائي نه ايندي، دهشتگرديءَ کي اسلام سان جوڙن مناسب نه آهي، دنيا ڄاڻي ٿي ته دهشتگرديءَ کي ڪنهن مذهب سان ڳنڍي نه ٿو سگھجي، اوباما سميت دنيا جي 60 ملڪن جي سربراهن دستاويزن تي صحيحون ڪيون، آمريڪا اسلام دشمن قدمن سان دهشتگردن کي فائدو پهچائي رهي آهي، دنيا ۾ ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمان آهن، چند هزار ڀٽڪي وڃن ته ڏيڍ ارب کي سزا نه ٿي ڏئي سگھجي، دهشتگرديءَ جو سڀ کان وڌيڪ نشانو مسلمان ئي بڻيا آهن

 

اي پيپر