سرڪار طرفان اليڪشن ايڪٽ 2017 کي حتمي شڪل نه ڏيڻ حڪمران جماعت جي ايندڙ اليڪشن ۾ بدنيتي جي ثابتي ڏئي ٿي؛جلال محمود شاهه
June 23, 2017 at 6:29 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(پ ر) شماريات کاتي طرفان نئين آدمشماري جا انگ اکر وقت سر اليڪشن ڪميشن حوالي نه ڪرڻ ۽ سرڪار طرفان اليڪشن ايڪٽ 2017 کي حتمي شڪل نه ڏيڻ حڪمران جماعت جي ايندڙ اليڪشن ۾ بدنيتي جي ثابتي ڏئي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه پنهنجي پريس بيان وسيلي ڪيو . هن وڌيڪ چيو ته نئين آدمشماري تحت سنڌ جي هر شهر جي آدمشماري ۾ واڌ آئي آهي جنهن تحت اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پراڻي حد بندين تحت 2018 جون اليڪشنون انصاف تي مبني هونديون. تنهن ڪري سرڪار کي ڪنهن به حالت ۾ نئين آدمشماري جا انگ اکر جلد کان جلد اليڪشن ڪميشن جي حوالي ڪرڻ گهرجن. انهيءَ سان گڏوگڏ اسين گُهر ٿا ڪريون ته ايندڙ اليڪشنن کي شفاف بنائڻ لاءِ تڪ بندين لاءِ الڳ حد بندي (ڊي لميٽيشن) ڪميشن جوڙي وڃي ۽ حد بندين جو اختيار سرڪار جي ماتحت ادارن يا عملدارن جي حوالي نه ڪيو وڃي. ڪميشن خودمختيار هجي ۽ اهڙن فردن تي مشتمل هجي. جن جي پنهنجي ڪيريئر ۾ ايماندارانه ۽ دليرانه ساک هجي. اسين اها پڻ گُهر ڪريون ٿا ته اليڪشن ايڪٽ 2017 کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏئي عوام آڏو پڌرو ڪيو وڃي . اليڪشن کان پهرين اليڪشن ڪميشن کي رجسٽرڊ جماعتن کان مشورا ورتا وڃن ۽ انهن جي موقف کي ٻڌڻ بعد اليڪشن ڪميشن کي اليڪشن جو طريقي ڪار جوڙڻ گهرجي. هن آخر ۾ چيو ته هن ملڪ ۾ جيستائين اليڪشن جي عمل کي شفاف نه بڻايو ويندو تيسين حقيقي جمهوري حڪمراني جو قيام ناممڪن آهي . هن ملڪ جي سڀ کان اهم خرابي آهي ته اليڪشنن کان اڳواٽ ئي بااثر ادارا ۽ سرڪاري حڪمران ڌريون اليڪشنن جا نتيجا پنهنجي پسند مطابق ۽ حق ۾ آڻڻ لاءِ پري پول رگنگ جا طريقا استعمال ڪن ٿا.