سرڪاري پلاٽن جي چائينا ڪٽنگ سنڌ هائي ڪورٽ ٻن جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، گرفتاري جو حڪم

August 23, 2017 at 9:52 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هائي ڪورٽ لائينز ايريا م سرڪاري پلاٽن جي چائينا ڪٽنگ ۽ ڪرپشن بابت ٻن جوابدارن جي ضمانت رد ڪري گرفتاري جا حڪم ڏنا آهن، اڱاري تي سنڌ هائي ڪورٽ ۾ سرڪاري پلاٽن ۾ چائينا ڪٽنگ ڪرپشن جي معاملي تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ جوابدار محمد اسلم ۽ اخلاق احمد جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، ٻئي جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءَ عبوري ضمانت تي هيا، عدالت نيب آفيسرن کي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نيب موجب جوابدار آفيسرن سان گڏجي سرڪاري پلاٽن تي چائينا ڪٽنگ ڪري وڪرو ڪيو، جوابدارن چائينا ڪٽنگ ڪري قومي ناڻي کي اربين ورپين جو نقصان پهچايو.

اي پيپر