رينجرز جي ڪراچي جي پهلوان ڳوٺ ۾ ڪارروائي، 3 گهربل ڏوهاري گرفتار
June 14, 2017 at 11:15 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (م ڊ): رينجرز پهلوان ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪري ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب پهلوان ڳوٺ جي اي ٽي ايم ۾ ڦر جي وڊيو سامهون اچڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي، ٽيڪنيڪل مانيٽرنگ ۽ گرانڊ سرويلنس بعد جوابدار امجد بنگش کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار جي نشاندهي تي ملڪ ياسر ۽ محمد اصغر کي به گرفتار ڪيو ويو، رينجرز ترجمان موجب جوابدار اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ انتهائي گهربل هئا، جوابدارن کي هٿيارن سميت پوليس حوالي ڪيو ويو.