رينجرز جون ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون، 9 ڄڻا گرفتار، هٿيار ۽ منشيات هٿ: ترجمان
March 24, 2017 at 7:29 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (م ڊ) رينجزر سنڌ جي ترجمان چيو آهي ته رينجرز ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رينجرز سنڌ جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي خوري ۽ ٻين ڏوهن جا جوابدار شامل آهن، گرفتار جوابدارن ۾ 3 جوابدارن جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي، طارق، سجاد، ڪامران ايم ڪيو ايم لنڊن جي لاءِ سهولت ڪاري، ڀتي خوريءَ ۾ ملوث آهن، رينجرز ترجمان موجب الفلاح ۾ ڪارروائيءَ دوران 3 ماڻهن تي ٻڌل ڦرن ۽ ڌاڙن جو گروپ به گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار تيمور، يوسف ۽ زبير ڌاڙن جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهن، ترجمان موجب سهراب ڳوٺ ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري منشيات وڪرو ڪندڙ شمشير ملاح کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار وٽان وڏي مقدار ۾ منشيات پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. جوابدارن وٽان هٿيار، ايمونيشن ۽ منشيات به هٿ ڪئي وئي آهي.36