ريمنڊ ڊيوس جي آزاديءَ ۾ پنجاب سرڪار جو ڪو به ڪردار نه هو: شهباز شريف

لاهور( م ڊ ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته  ريمنڊ ڊيوس ڪيس ۾ پنجاب سرڪار جو ڪو به ڪردار ناهي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ريمنڊ ڊيوس جي خون بها جي رقم پنجاب سرڪار ادا نه ڪئي هئي. هن چيو ته ريمنڊ ڊيوس بابت باقي سوال انهن کان پڇو جن جا نالا سندس ڪتاب ۾ آيا آهن. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته  اسان تي الزام هڻندڙن جي پنهنجي صوبي ۾ هڪ به برن يونٽ قائم نه ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان مان ڪير به نه چاهيندو ته جمهوريت جي گاڏي پٽڙي تان لهي وڃي. شهباز شريف چيو ته جمهوريت جي گاڏي درست نموني هلي رهي آهي. هن چيو ته ٻهراڙين ۾ خوشحالي لاءِ اربين رپيه خرچ ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته معياري نتيجا نه ڏيندڙ 5 هزار اسڪولن کي خانگي شعبي حوالي ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *