رمضان المبارڪ ۾ عوام کي لٽيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي:سهيل انور سيال

ڪراچي(هه آ)  سنڌ جي زراعت ۽ گھرو کاتي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد  ٿيو. اجلاس ۾ گھرو کاتي واري سيڪريٽري، زراعت کاتي واري سيڪريٽري پوري صوبي جي ڪمشنرز، بيورو آف پرائيز اينڊ سپلائي جي اعليٰ آفيسرن سميت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ رمضان المبارڪ جي دوران گران فروشي ۽ غير معياري شين جي وڪري ۾ ملوث عناصرن خلاف سخت ڪارروائي، غير قانوني بچت بازار جي خاتمي ۽ عوامي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان قائم ڪيل ڪمپلينٽس سينٽر جي ڪارڪردگي جهڙا معاملا بحث هيٺ آيا. اجلاس کي خطاب ڪندي زراعت کاتي واري وزير چيو ته پوري سنڌ جا سمورا ضلعي آفيسر ان ڳالھ کي يقيني بڻائين ته انهن جي لاڳاپيل علائقي ۾ ڪٿي به غير معياري شيون جو وڪرو نه ٿئي ۽ نه ئي منافع خورن کي عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ جي اجازت ڏني وڃي. سهيل انور سيال وڌيڪ چيو ته رمضان مبارڪ ۾ سنڌ حڪومت پاران عوام جي سهولت لاءِ شڪايتي سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. جتي گران فروشي، ناقص شين جي نشاندهي سميت عوام پنهنجين سمورين شڪايتن جي ازالي ۽ لاءِ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي رابطو ڪري سگھي ٿو. ناجائز بازار جي حوالي سان صوبائي وزير واضع ڪيو ته غير قانوني بازارن جي فروغ ۽ انعقاد ۾ ملوث عناصرن سان ڪا به رعايت نه رکي ويندي ۽ بچت بازارن کي قانون جي دائري ۾ آڻي عوام لاءِ سهولت پيدا ڪئي وڃي. صوبائي وزير سهيل انور سيال ان موقعي تي جعلي زرعي دوائون جو ڪاروبار ڪندڙن کي خبردار ڪندي چيو ته يا ته ڪڌي ڪمن کان پاسو ڪيو يا وري سخت ترين حڪومتي ڪارروائي لاءِ تيار رهو. صوبائي وزير يوٽيلٽي اسٽورز جي اهلڪارن کي يقين ڏياريو ته ڪاروباري سرگرمين جي فروغ لاءِ پوليس پٽرولنگ ۾ واڌارو ڪيو ويندو. لوڊشيڊنگ جي بدترين صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سهيل انور سيال چيو ته سحري ۽ افطاري جي موقعي تي بجلي نه هجڻ ڪري ڏوهاري ان جو فائدو حاصل ڪندا آهن. صوبائي وزير گھرو کاتي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته واپڊا سان رابطو ڪري صوبي جي عوام ۾ لوڊشيڊنگ جي ڪري پکڙيل بي چيني ۽ مايوسي بابت ڳالھ ٻولھ ڪري. سهيل انور سيال واپڊا کي سنڌ حڪومت پاران هر ممڪن سهڪار جي پيش ڪش ڪئي. ڪرپشن ۽ اڪربا پروري بابت خيالن جو اظهار ڪندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي سمورن ادارن ۽ کاتن ۾ سمورن معاملن کي شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد  تي جانچڻ جي پاليسي جوڙي وئي آهي جيڪو حقيقت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور آهي ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن به آهي. سهيل انور سيال پاران بيورو آف پرائيز اينڊ ڪنٽرول جي آفيسرن سان ڳالھ ٻولھ ۾ اها ڳالھ واضع بيان ڪئي وئي ته غير قانوني بازارن جي قيام ۾ جيڪڏهن ڪو به آفيسر ملوث هوندو ته ان خلاف سخت کاتيدار ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ڪمشنر ڪراچي اعجاز احمد خان سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال ڇيو ته ڪراچي ۾ لڳندڙ سمورن غير قانوني بازارن کي في فور ختم ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان ضلعي انتظاميا سان پوليس کي مڪمل سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ميڊيا جي نمائندن پاران پڇيل سوالن جي جواب ۾ سهيل انور سيال چيو ته ماضي جي متابلي ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر آهي ۽ ڪرپشن ۽ مهاگائي جي طوفان کي حڪومت عوام سان ملي ضرور شڪست ڏيندي.     

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *