راڻا ثناءَ الله جي آءِ ٽي رپورٽ کي “جن” آءِ ٽي رپورٽ قرار ڏئي ڇڏيو
July 14, 2017 at 2:29 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله جي آءِ ٽي کي ” جن“ آءِ ٽي رپورٽ قرار ڏئي ڇڏيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءَ الله چيو ته جناتي انڪوائري باوجود نواز شريف جي دامن ي داغ نه لڳائي سگهي آهي. هن چيو ته هو نواز شريف تي فخر ڪن ٿا ۽ سموري ن ليگ سندس پويان بيٺل آهي. سندس چوڻ هو ته الزام خان چوي ٿ ته وزيراعظم جا ٻار ڪيئن ارب پتي بڻجي ويا آهن. راڻا ثناءَ الله چيو ته نواز شريف شفافيت سان پنهنجي ۾ سياست ڪئي آهي. هن چيو ته نواز شريف 36 سالن ۾ مختلف اعليٰ عهدن تي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته نواز شريف هزارين منصوبا مڪمل ڪيا آهن. راڻا ثناءَ الله چيو ته لڳي نه ٿو ته سپريم ڪورٽ جي 13 سوالن جو جواب ڏنو ويو آهي، ڌرڻي دوران جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀ ڪجهه جي آءِ ٽي ۾ آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ کي چئلينج ڪري اها ردي حوالي ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ من گهڙت آهي جنهن کي رد ڪيون ٿا.