راولپنڊي ۽ ڀرپاسي سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن وڌايو ويو آهي: آءِ ايس پي آر

February 17, 2017 at 11:40 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

راولپنڊي (م ڊ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سڪيورٽي ادارن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر راولپنڊي جي صدارت هيٺ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن جي ڪانفرنس ٿي، ڪانفرنس ۾ دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي طريقي جو جائزو ورتو ويو، آءِ ايس پي آر موجب راولپنڊي ضلعي جي علائقن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن وڌايو ويو آهي، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردي جي تازن واقعن کي نظر ۾ رکندي سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن وڌايو ويو آهي، سڪيورٽي فورسز، انٽيليجنس ادارن کي ڪومبنگ ۽ ٽارگيٽيڊ آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اي پيپر