ذهني طور دهشتگردي خلاف جنگ هاري چڪا آهيون، ڊونلڊ ٽرمپ کي موقعو ملڻ گهرجي: آصف زرداري

January 24, 2017 at 11:42 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

نيويارڪ/ اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڊونلڊ ٽرمپ کان مطالبو ڪيو آهي ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو جيڪو موقعو بارڪ اوباما وڃائي ڇڏيو هو، ڊونلڊ ٽرمپ ان کي حاصل ڪري ۽ ڏکڻ ايشيا لاءِ سينيئر سفير فوري طور تي مقرر ڪري. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري آمريڪي اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ خطي ۾ رچرڊ هالبروڪ جهڙو سفارتڪار مقرر ڪيو وڃي، ڊونلڊ ٽرمپ اهو ڪري جيڪو اوباما نه ڪري سگهيو آهي، بارڪ اوباما پاڪستان جي ڪنهن به چيف ايگزيڪيوٽو سان رابطي ۾ نه رهيو هو. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردن خلاف ذهنن جي جنگ پاڪستان، شام، يمن، عراق ۽ لبيا ۾ هاري چڪا آهيون

اي پيپر