دهشتگردي سميت ٻين چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪوششون وٺڻيون پونديون؛سرتاج عزيز

February 28, 2017 at 5:52 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز کي اقتصادي سهڪار تنظيم جي وزارتي ڪائونسل جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي،سرتاج عزيز جو چوڻ آهي ته دهشتگردي سميت ٻين چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪوششون وٺڻيون پونديون. اقتصادي سهڪار تنظيم جي وزارتي ڪائونسل جو اجلاس اسلام آباد ۾ جاري آهي جنهن ۾ ايران ۽ ترڪي سميت 10 ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير شريڪ آهن. اجلاس دوران پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز کي وزارتي ڪائونسل جو چيئرمين چونڊيو ويو. اجلاس کي خطاب دوران سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته خطو دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏئي رهيو آهي، چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪوششون وٺڻيون پونديون، جڏهن ته ميمبر ملڪن ۾ رابطن کي هٿي وٺرائڻ سان خطي ۾ خوشحالي ايندي. تنظيم جي سيڪريٽري جنرل حليل ابراهيم چيو ته ڪانفرنس جي بهترين انتظامن ۽ مهمان نوازيءَ تي هـُو پاڪستان جا ٿورائتا آهن،ميمبر ملڪن جي مجموعي پيدوار هڪ ٽريلين ڊالرز کان وڌيڪ آهي، تنظيم کي گڏيل قومن جي ڪيترن ئي ادارن ۾ مبصر جي حيثيت حاصل آهي. هن چيو ته تنظيم گڏيل قومن سان 45 معاهدن تي صحيحيون ڪيون آهن،خطي ۾ خوراڪ جي تحفظ لاءِ ڪيترائي منصوبا غور هيٺ آهن،ميمبر ملڪن وچ ۾ اثرائتي مواصلاتي نظام لاءِ منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو ته سمورن ميمبر ملڪن کي گڏجي چيلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو، اِي سي اي ميمبر ملڪن ۾ لاڳاپن جو بهترين فورم آهي. هن چيو ته هيءَ تنظيم ميمبر ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي،هن سهڪار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ويزن 2025ع تيار ڪيو ويو آهي جنهن تي عمل درآمد لاءِ سمورن ميمبر ملڪن کي ڪم ڪرڻو پوندو، اِي سي او کي توانائي سميت ٻين شعبن ۾ ڪم ڪرڻ گهـُرجي.

اي پيپر