دهشتگردي باوجود قوم همت ناهي وڃائي: مريم اورنگزيب

May 24, 2017 at 8:41 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو): مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگردي سبب معاشري ۾ عدم برداشت ۾ اضافو ٿيو آهي، پر پاڪستاني قوم هڪ بهادر ۽ باهمت قوم آهي، دهشتگردي باوجود قوم همت ناهي وڃائي، اسلام آباد جي نجي يونيورسٽي ۾ شاگردن جي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستان ۾ فلمي صنعت کي بحال ڪيو پيو وڃي ۽ پهريون ڀيرو فلم انڊسٽري پروڊڪشن پاليسي تيار ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته گذريل 35 سالن کان ملڪ دهشتگردي جو شڪار آهي، جڏهن ته موجوده حڪومت امن امان جي بهتري لاءِ قدمن سان گڏ پاڪستان جي مثبت تشخص جي بحالي جا قدم کڻي رهيو آهي ۽ هي پوري قوم جو عزم آهي، هن چيو ته موجوده حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڳالهيون ڪري رهي آهي، قومي تشخص کي بحال ڪرڻ لاءِ سمورا قدم کڻنداسين، مريم اورنگزيب يچو ته ميڊيا حڪومتي ڪوششن ۾ ساٿ ڏئي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ منطقي انجام تائين پهچڻ لاءِ ميڊيا پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري.

اي پيپر