دهشتگردن خلاف جهاد في سبيل الله ٿيڻ گهرجي: خورشيد شاهه
June 24, 2017 at 8:50 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
سکر( بيورو ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته دهشتگردن خلاف جهاد في سبيل الله ٿيڻ گهرجي. سکر ۾ جمعي نماز جي ادائيگي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته دهشتگردن کي مسلمان سمجهڻ ڪفر هوندو. هن چيو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ جهاد ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جو امن تباهه ڪندڙ پويان پرڏيهي طاقتون آهن. خورشيد شاهه چيو ته جيڪي ماڻهو اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن سي مسلمان نه آهن.