دنيا جي سمورين ترقي يافتا قومن پنهنجي ٻوليءَ ذريعي ترقي ڪئي آهي: ممنون حسين
May 10, 2017 at 7:31 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته دنيا جي سمورين ترقي يافتا قومن پنهنجي ٻولي جي ذريعي ترقي ڪئي آهي، ان مقصد لاءِ لاڳاپيل ادارا عالمي تجربن مان فائدو کڻي قومي ٻولي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪن، ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ سمورين ٻولين جي اهميت اجاگر ٿيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن اردو جي فروغ لاءِ ايئر يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ بين لاقوامي مڪالمي جون سفارشون پيش ڪرڻ جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثا ڊويزن جو سيڪريٽري عامر حسن، قومي ٻولي جي فروغ واري اداري جو چيئرمين افتخار عارف، ايئر يونيورسٽي جي سوشل سائنسز فيڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر وسيم شهزاد ۽ ٻيا به موجود هئا. صدر چيو ته اردو جي فروغ لاءِ لسانيات جي جديد اصولن جي موجب تحقيق ۽ ترقي جو ڪم تمام گهڻو پهرين شروع ٿيڻ گهربو هو، هن سفارشن جي تياري لاءِ ايئر يونيورسٽي جي مڪالمي ۽ سفارشن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي عبور کانسواءِ هاڻوڪي دور ۾ ترقي ممڪن ناهي پر عوام جو وڏو انگ غير ملڪي ٻوليون نه سمجهڻ سبب جديد علم تائين رسائي حاصل نٿو ڪري سگهي، ان لاءِ ضروري آهي ته انهن علمن جا ترجما قومي ٻولي ۾ ڪيا وڃن ته جيئن عام ماڻهو به جديد ٽيڪنالاجي تائين رسائي حاصل ڪري سگهن. صدر لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته هو قومي ٻولي وڌائڻ لاءِ قومي پاليسي جي تياري لاءِ سفارشون تيار ڪن، هي هڪ قومي خدمت هوندي. ان سلسلي ۾ ايوان صدر جو سهڪار کين هر مرحلي تي حاصل رهندو. صدر چيو ته ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ سمورين ٻولين جي اهميت اجاگر ٿيڻ گهرجي ته جيئن انهن ٻولين کي ختم ٿيڻ کان بچائي سگهجي. صدر ان موقعي تي اردو لغت جي انٽرنيٽ ايڊيشن جاري ڪرڻ ۽ صوتي انٽرنيٽ ايڊيشن جي تياري تي به خوشي جو اظهار ڪيو.