خواجه آصف اقامي ڪيس ۾ لارجر بئنچ جي جوڙجڪ کي چئلينج ڪري ڇڏيو
November 14, 2017 at 2:21 amاسلام آباد( بيورو ) پرڏيهي وزير خواجه آصف اقامي ڪيس ۾ لارجر بئنچ جي جوڙجڪ کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ متفرق درخواست ذريعي خواجه آصف موقف اختيار ڪيو ته 18 سيپٽمبر تي عدلات لارجر بئنچ جوڙڻ جي آبزرويشن ڏني ۽ 26 سيپٽمبر تي عدالت نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو. هن چيو ته درخواستگذار عدالت ۾ سموريون حقيقتون لڪايون، درخواستگذار اسيمبلي ميمبر طور نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ تائين سمورا فورم استعمال ڪري چڪو آهي، لارجر بئنچ جوڙي کيس اپيل کان محروم ڪيو ويو آهي.