حڪومت ۾ ضياءَ الحق جو روح ۽ آمريت جي جهلڪ نظر اچي رهي آهي: خورشيد شاهه

May 31, 2017 at 6:28 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد ( بيورو ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت ۾ ضياءَ  الحق جو روح آهي ۽ آخري سال ۾ آمريت جي جهلڪ نظر اچي رهي آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته مان اسپيڪر جو تمام گهڻو احترام ڪريان ٿو پر گذريل ڏينهن جي رويي سان تي کيس تمام گهڻو افسوس ٿيو ۽ خبر پئي ته منهنجو اسپيڪر حڪومت هٿان يرغمال ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي تاريخ اسپيڪر کي ڇا لکندي؟ اسان توهان جو احترام ڪريون ٿا پر توهان جي بي وسي ڏسي افسوس ٿيندو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي احتجاج کانپوءِ توهان به اجلاس ملتوي ڪري رهيا هئا پر وزيراعظم هائوس ۾ ويٺل هڪ بابو جي سوچ واري پرچي ايندي ئي توهان بحث شروع ڪرائي ڇڏيو. خورشيد شاهه جي پرچي واري ڳالهه تي اسپيڪر چيو ته مان روزي جي حالت ۾ آهيان ۽ يقين سان چوان ٿو ته مون کي ڪابه پرچي نه آئي آهي. خورشيد شاهه چيو ته پوءِ اکين ئي اکين ۾ اشارا ٿيا هوندا پر جيڪو به ٿيو حڪومت اسپيڪر کي اپوزيشن سامهون تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سينيٽ چيئرمين حڪم ڏنو ته مخالف ڌر جو خطاب سڌو نشر ڪيو ته 10 منٽن ۾ ٿي ويو، جيڪڏهن سندس چوڻ تي سينيٽ جي ڪارروائي سڌي ڏيکاري سگهجي ٿي ته اسپيڪر جي چوڻ تي قومي اسيمبلي جي ڪارروائي ڇو نه ٿي ڏيکاري سگهجي؟ مان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ذميوار قرار نه ٿو ڏيان، مون کي خبر آهي ته کيس هڪ دفعو ٻيهر اليڪشن ۾ حصو وٺڻو آهي پر ڪنهن کان ڊڄڻ نه گهرجي. خورشيد شاهه چيو ته گذريل ڏينهن جيڪڏهن سندس موقف مڃو وڃي ها ته ڪهڙي قيامت اچي وڃي ها، مان ساڳيو ئي خورشيد شاهه آهيان جنهن جو هڪ هڪ لفظ 2014ع ۾ سڌو ڏيکاريو ويندو هو ۽ جڏهن ايوان ۾ منهنجي آمد ٿيندي هئي ته هٿ چميا ويندا هئا پر حڪومت ۾ ضياءَ الحق جو روح آهي ۽ آخري سال ۾ آمريت جي جهلڪ نظر اچي رهي آهي، حق گهرندڙن تي گوليون وسايون پيون وڃن. هن چيو ته اسان جمهوريت کي رت ڏئي پاليو آهي، اسان اهڙو ايوان ٿيڻ نه ڏينداسين جيڪو انڌو، منڊو ۽ ڪاڻو هجي، مخالف ڌر جا هٿ پير ٻڌڻ ڪنهن جو حق ناهي، اهو ڪم جمهوري ادارن نه پر ڊڪٽيٽرن جو هوندو آهي. خورشيد شاهه چيو ته اسپيڪر جو ساڳيو رويو رهيو ته حڪومت کي ڪير به قبول نه ڪندو.

اي پيپر