حڪومت ڪليم الله ۽ سليم الله واري راند کيڏي رهي آهي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ۹ مهينا گذري چڪا آهن، پر هن وقت تائين عدالت ۾ ثبوت پيش ناهن ڪيا ويا، عدالت جيڪو چئي ٿي اهو ئي تيار ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، هن وقت تائين عدالت اندر جيڪي به ڪاغذ پيش ڪيا ويا آهن، اهي سڀ پاڪستان ۾ تيار ٿيل آهن، پاڪستان ۾ ٻاهرين ملڪن جي ڪمپنين جا دستاويز تيار نه ٿا ٿي سگهين، ان ڪري اهي پيش ناهن ڪيا ويا، عمران خان جو چوڻ هو ته شريف خاندان ۽ قطري شهزادي جي دوستيءَ جي قيمت قوم ادا ڪري رهي آهي، حسين نواز چيو هو ته اهي فليٽ هن پاڻ خريد ڪيا هئا، جڏهن ته حڪومتي وزيرن جو موقف آهي ته ۹۰ جي ڏهاڪي ۾ اهي فليٽ خريد ڪيا ويا، ٻئي پاسي وري قطري شهزادي جي خط مان خبر پئي ٿي ته ڪهاڻي وري ڪا ٻئي آهي، اها ڳالهه سامهو اچي چڪي آهي ته قطري سيٽلمينٽ جي نتيجي ۾ فليٽ ڏنا ويا، پر گذريل ۹ مهينن کان ثبوت پيش ناهن ڪيا ويا، عمران خان چيو ته حسين نواز جو وڪيل به عدالت ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي ته ان وٽ ڪي به دستاويز ناهن جيڪي هو عدالت ۾ پيش ڪري، عمران خان جو چوڻ هو ته بي بي سي جي رپورٽ سڀني ڏٺي، ان ۾ اها ڳالهه واضع آهي ته مريم نواز انهن ڪمپنين جي مالڪ آهي، عمران خان وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي وڪيل مريم شريف مٿان اهو معاملو مڙهي ڇڏيو، مريم شريف جي وڪيل وري حسين شريف مٿان سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر ان ڪيس کي گول ڇو ٿو گهمايو وڃي، ائين کڻي چئجي ته هي ڪليم الله ۽ سليم الله وارو معاملو هلي رهيو هجي، عدالت ۾ اهڙا دستاويز به پيش ڪيا ويا آهن، جن تي ٺپو پهرين جو لڳل آهي ۽ معاهدو بعد ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي، ن ليگ وارا ۲۰۰٦ع وارا به دستاويز اڃان تائين جمع ناهن ڪرائي سگهيا ته لنڊن فليٽ حسين نواز ۲۰۰٦ع ۾ ورتا هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *