حڪومت نيشنل سيڪيورٽي جي حوالي سان موثر قدمن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ امن امان قائم ٿيو آهي:شعيب احمد صديقي
March 26, 2017 at 11:07 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(پ ر) سيڪريٽري نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن شعيب احمد صديقي چيو آهي ته حڪومت نيشنل سيڪيورٽي جي حوالي سان موثر قدمن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ امن امان قائم ٿيو آهي، هن اها ڳالهه ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي زير اهتمما ميٽ دي ايڊيٽرز پروگرام ۾ ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته امن امان ۾ بهتري اجو اعتراف بين الاقوامي سطح تي به ڪيو ويو آهي، امن امان قائم ڪرڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو اهم ڪردار آهي، سيڪيورٽي هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل ۽ جامع ڪاوشن جي ضرورت آهي ان سلسلي ۾ عوام جو اتحاد به انتهائي اهميت رکي ٿو.