حڪومت قانون جي حڪمراني ۽ ادارن جي مضبوطيءَ تي يقين رکي ٿي: وزيراعظم

August 23, 2017 at 9:42 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد( بيورو ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت قانون جي حڪمراني ۽ ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مسلم ليگ ن جي سينيٽرن سان پهرين باضابطا ملاقات ڪئي. مسلم ليگ ن جي سينيٽ ميمبرن وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون پيش ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت نواز شريف جي گائيڊ لائين موجب ڪم ڪري رهي آهي، سندس پاليسين تي عملدرآمد جاري رهندو ۽ سندس شروع ڪيل رٿائون مڪمل ڪيون وينديون. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته  پارٽيءَ کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط ڪيو ويندو ۽ سينيٽ ميمبر قانون سازي ۾ ڀرپور حصو وٺن. هن چيو ته اسان ڪرپشن فري حڪومت متعارف ڪرائي آهي، چئن سالن ۾ حڪومت جي رٿائن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي،  حڪومت قانون جي حڪمراني ۽ ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ کي درست ٽريڪ تي آندو ويو آهي، جڏهن ته حڪومت جي ڪارڪردگي ماضي جي حڪومتن کان بهتر آهي.

اي پيپر