حڪومتن جون ترجيحون ايندڙ نسل ناهن رهيا پر ايندڙ چونڊون هونديون آهن: عمران خان
August 23, 2017 at 9:56 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته گذريل دورن ۾ پختونخواهه ۾ ٻه سئو ارب رپين جا وڻ وڍيا ويا، هن چيو ته ماحوليات جي تحفظ لاءِ وڏو قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، عمران خان چيو ته بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو ته ماڻهن وڏي مذاق اڏائي، هن چيو ته دهشتگردي سان سڀني کان وڌيڪ متاثر صوبو خيبر پختونخواهه هيو، حڪومتن جون ترجيحون ايندڙ نسل ناهن رهيا پر ايندڙ چونڊون هونديون آهن، اسان ڪڏهن سوچيو ئي ناهي ته اسان کي ماحوليات جو تحفظ ڪرڻو آهي.