حڪمرانن عوام جي خدمت ڪرڻ بدران ڪرپشن ڪري پرڏيهه ۾ ڪارخانا لڳايا: منظور وساڻ
June 23, 2017 at 6:29 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته نون ليگ حڪمرانن عوام جي خدمت ڪرڻ بدران ڪرپشن ڪري پرڏيهه ۾ ڪارخانا لڳايا، جنهن جو حساب عوام عدالت ٻاهران بيهي گهري رهيو آهي، عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي سدائين ادارن جو احترام ڪيو آهي، پر نواز ليگ جا اڳواڻ پاناما ليڪس معاملي تي جي آءِ ٽي سميت سرڪاري عملدارن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائي عوام کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون آهن، سندس چوڻ هو ته خيرپور ضلعي ۾ روڊن، رستن اسڪولن ۽ اسپتالن جا ڄار وڇائي عوام کي بهتر کان بهتر سهولتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، صوبائي وزير منطور وساڻ جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي عوام دوست پاليسين ۽ عوامي جي ڀرپور موٽ ڏسي مخالف ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن، جنهن سبب مخالفن وٽ 2018 جي چونڊن ۾ بيهارڻ لاءِ ڪينڊيڊنٽ ڳولهيا نٿا ملن، هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ نعرن جي سياست ڪري عوام جو وقت ضايع ڪيو آهي، ايندڙ چونڊن پ پ ڪامياب ٿي عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪندي.