جي ٽي روڊ تان پاڻ کي بحال ڪرائڻ نه پر گهر وڃي رهيو آهيان: نواز شريف

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته جي ٽي روڊ تان پاڻ کي بحال ڪرائڻ جي لاءِ نه پر گهر وڃي رهيو آهيان، ججن پنهنجي آبزرويشن ۾ چيو ته مون تي ڪو به الزام ناهي، نااهلي جو فيصلو ٿي چڪو هو رڳو جواز ڳوليو ويو. پنجاب هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو ته جي آءِ ٽي ۾ مخالفن کي وڌو ويو جيڪڏهن نيب خلاف اپيل ڪرڻ پئي ته ڪنهن وٽ وينداسين. هن چيو ته مون کي سسيلين مافيا چيو ويو مافيا ڪڏهن جي آءِ ٽي جي سامهون پيش ناهي ٿيندي، نيب قانون جي خاتمي جو ارادو هو پر مون کي موقعو نه مليو، اڳوڻي وزير اعظم چيو ته سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ملڪ آئين بڻائي پر وري به مارشل لا لڳندي رهي، 1973 کان پوءِ 3 ڊڪٽيٽر آيا ۽ ڪو وزير اعظم پنهنجي مدت پوري نه ڪري سگهيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *