جي آءِ ٽي جي سامهون پيش ٿيڻ وزارت عظميٰ جي منصب جي توهين آهي: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي سامهون پيش ٿيڻ وزارت عظميٰ جي منصب جي توهين آهي. مولا بخش چانڊئي وفاقي وزيرن جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته عدالت عظميٰ جي ٻن سينيئر ججن ميان صاحب کي نااهل قرار ڏنو آهي، ٽن ججن پنهجي فيصلي ۾ چيو ته ميان صاحب سچ لڪايو آهي، ميان صاحب سپريم ڪورٽ سان به ڪوڙ ڳالهايو ۽ بوگس دستايز پيش ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته افسوس آهي ته هاڻ به ن ليگ وارا ٻين تي الزامن کان باز نٿا اچن، وفاقي وزيرن جي بدزباني وزير اعظم کي امين ۽ صادق پيش نه ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *