جي آءِ ٽي تي مٺائي ورهائيندڙ هاڻي روئي ڇو رهيا آهن: سراج الحق

لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ريمنڊ ڊيوس طرفان ڏنل خون بها جي رقم جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڪنهن کي ڪيترو حصو مليو. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته پاڪستان جي هر اداري ۾ ريمنڊ ڊيوس ويٺل آهن. هن چيو ته موجوده نظام، ماءُ، ڀيڻ ۽ ملڪ جي وڪري تي ٻڌل آهي. سندس چوڻ هو ته ڌانڌلي جي ماهرن کي هن ڀيري ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏني ويندي. سراج الحق چيو ته ڀارت پاڪستان جي دريائن کي خشڪ ڪري ملڪ ريگستان ۽ بنجر بڻائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڪشمير ڪاز سان غداري ملڪ سان غداري برابر آهي، سموري قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا صلاح الدين نه پر سمورن حريت پسند اڳواڻن کي دهشتگرد قرار ڏنو آهي. سراج الحق چيو ته ريمنڊ ڊيوس جي آزادي ۾ انهن ڪردار ادا ڪيو جن مان قوم کي اميدون هيون.  هن چيو ته ڪرپشن خلاف سڀ کان پهرين تحريڪ جماعت اسلامي شروع ڪئي. سندس چوڻ هو ته هنن ڪرپٽ ماڻهن جي پاڻ ئي لسٽ ٺاهي آهي، اوڳرائي ڏيڻ کانسواءِ سڀ ڪجهه هضم ڪندڙ هاڻي روئي رهيا آهن. سراج الحق چيو ته حڪومت جو ڪم روئڻ نه پر ڪم ڪري ڏيکارڻ آهي، پاناما جي آءِ ٽي تي مٺائي ورهائيندڙ اڄ روئي ڇو رهيا آهن؟  هن چيو ته لوهه جو ڪاروبار ڪندڙ حڪمرانن جي دل به لوهه جهڙي ٿي وئي آهي، ڪاش بهاولپور ۾ ڪا وڏي اسپتال يا برن سينٽر هجي ها ته جانيون بچي وڃن ها.  سندس چوڻ هو ته شهباز شريف اعتراف ڪري ته صوبي ۾ جهالت ۽ غربت هنن جي ڪري ئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *