جيڪب آباد جمعيت علماءِ اسلام پاران سيوهڻ واقعي ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

February 22, 2017 at 6:38 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

جيڪب آباد (ڊ،ر)جيڪب آباد جمعيت علماءِ اسلامِ پاران سيوهڻ واقعي ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڊي سي چوڪ تي احتجاجي ڌرڻوهنيوويو، هٿن ۾ جميعت علماءِ اسلام جا جهنڊا هئا،۽ دهشتگردي نامنظور جا نعرا هنيا،خبر موجب؛ جيڪب آباد جمعيت علماءِ اسلام پاران سيوهڻ سانحي خلاف احتجاجي مظاهرو ضلعي آفيس کان جي يو آءِ جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري،حاجي محمد عباس بلوچ،مولانه عبدالجبار رند،حماد الله انصاري، اقليتي ونگ جي ضلعي صدر دليپ ڪمار،عبدالرشيد مهر،مولوي منير احمد سومرو،تاج محمود امروٽي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو، مظاهري ۾ وڏي انگ ۾ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، ڪارڪنن ۽ شهرين جي هٿن ۾پلي ڪارڊ ۽ جھنڊا هئا،ان موقعي تي مظاهرين بم ڌماڪا دهشتگردي مرده باد جا نعرا هڻندا رهيا،مظاهري سبب ڊي سي چوڪ تي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي جنهن سبب شهرين کي مشڪلات کي منهن پڻ ڏيڻو پيو،احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سيوهڻ واقعو وڏو سانحو آهي، ملڪ ۾ بم ڌماڪا کليل دهشتگردي آهن، هنن چيو ته دهشتگردي جو ڪو به دين ،مذهب ڪو نه آهي دهشتگرد ڏاڙهي وارو هجي، پٽڪي وارا يا اسيمبلي ۾ ويٺل هجن، دهشتگرد دهشتگرد ئي آهن،اهڙا واقعا سي پيڪ کي ناڪام ۽ فرقاواريت کي ناڪام بڻائڻ جي سازش آهي،اهڙن سازشن کي روڪڻ لاءِ سڄي قوم کي گڏجي جنگ جوٽڻي پوندي.

اي پيپر