جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان سفر نه ڪيو: آمريڪا پنهنجي شهرين کي ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي
July 28, 2017 at 1:21 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(م ڊ) شهر ۾ قائم آمريڪي قونصل خاني پنهنجي ملازمن ۽ آمريڪي شهرين کي پابند ڪيو آهي ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان سفر نه ڪن. قونصل خاني طرفان آمريڪي شهرين جي لاءِ ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي جي جناح انٽر نيشنل ايئرپورٽ تي يا ان جي ويجهي عمارتن ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران دهشتگردي جو خطرو آهي ان ڪري اتي وڃڻ کان پاسو ڪيو وڃي. اها وارننگ جڳهي ايجنسي طرفان ڏنل دهشتگردي جي خطري جي رپورٽن کان پوءِ جاري ڪئي وئي آهي. ايڊوائزري ۾ آمريڪي شهرين کي جناح ايئرپورٽ کان سواءِ ڪنهن بaه غير ضروري سفر کان به باز رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پاڪستان ۾ موجود آمريڪ شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ هجوم جي ويجهو به نه وڃن.