جمهوريت جو عمل اڄ ٻيهر پٽڙي تي اچي ويو آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

August 2, 2017 at 7:43 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو): نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جمهوريت جو عمل اڄ ٻيهر پٽڙي تي اچي ويو آهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته وزارت عظميٰ جي ڪرسي سياست جي ميراث سمجهي ويندي آهي پر هي مسلم ليگ ئي آهي جو سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد پارٽي مان ڪنهن شخص ناهي چيو ته اهو ان ڪرسي تائين پهچڻ چاهي ٿو، پارٽي قيادت جنهن شخص جي چونڊ ڪئي اهو اڄ هتي بيٺو آهي، هن چيو ته نواز شريف جو قصور اهو آهي ته ان ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، اسان گواهه آهيون ته نواز شريف ڪڏهن ڪرپشن ناهي ڪئي، هن عدالت کان به وڏي هڪ عدالت لڳندي، جتي جي آءِ ٽي موجود نه هوندي، مان اڄ هتي پهچي خوش نه آهيان، ڇو ته سياست اڄ گار بڻجي چڪي آهي، ايوان جو سڀ کان وڏو ڪم اهو آهي ته ايوان جي تقدس کي، پنهنجي عزت کي بحال ڪري، هن ملڪ جي آئين مطابق ملڪ کي هلڻو آهي، اپوزيشن هجي، گورنمينٽ هجي، آرمي هجي، ٻيا ادارا هجن اهي سڀ هڪ ٻيڙي ۾ سوار آهن، ٻيڙي کي سوراخ ٿيندو سڀ ٻڏي وينداسين، مان 45 ڏينهن لاءِ آهيان، 45 ڪلاڪن لاءِ آهيان، مان ملڪ جو وزيراعظم آهيان، 45 ڏينهن رهيس، 45 مهينن جو ڪم ڪندس، سڀ کان وڌيڪ اڪانامي جي ڳالهه آهي.

اي پيپر