لاهور (م ڊ) جاتي امرا ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ قطري شهزادي حمد بن جاسم ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جو اظهار ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب قطري شهزادي حمد بن جاسم جي قيادت ۾ قطر جو 13 رڪني وفد خاص اُڏام ذريعي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو جتي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف پاڻ سندن استقبال ڪيو ۽ وفد کي سرڪاري پروٽوڪول ڏنو. ان کان پوءِ جاتي امرا ۾ نواز شريف ۽ قطري شهزادي حماد بن جاسم وچ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات جاري رهي جنهن ۾ حمزه شهباز، پرويز رشيد، مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ ۽ اڳوڻو نيب چيئرمين سيف الرحمان به شريڪ هو. جڏهن ته مهمانن جي ماني لاءِ روسٽ هرڻ، پالڪ گوشت ۽ برياني پيش ڪئي وئي. وفد ٽي کان چار ڏينهن تائين پاڪستان ۾ رهندو تنهن هوندي ڪجهه ميمبر سڀاڻي صبح واپس پنهنجي ملڪ روانو ٿي ويندا. وفد جي ڪجهه ميمبرن کي مال روڊ جي هوٽل ۽ ٻين کي نواز شريف جي گھر جاتي امرا ۾ ترسايو ويندو.