تڪراري تقرير تي نهال هاشمي کي توهين عدالت نوٽيس، جاري، 5 جون تائين جواب طلب

اسلام آباد( بيورو ) سپريم ڪورٽ مسلم ليگ ن اڳواڻ نهال هاشمي کي سندس تڪراري تقرير تي توهين عدالت جو نوٽِس جاري ڪندي 5 جون تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.  جسٽس اعجاز افضل جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني پاناما ليڪس عملدرآمد بئنچ نهال هاشمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان هر شيءَ ڏسي رهيا آهيون،  گهڻيون شيون وڌائي پيش ڪيون پيون وڃن، اسان جي آءِ ٽي جي چونڊ ڪئي ۽ رجسٽرار کي ماڻهن جي چونڊ لاءِ چيو، اسان کي نتيجن جو خوف ناهي ۽ اسان کي ڪير ڊيڄاري به نه ٿو سگهي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته اسان آمرن جا دور به ڏٺا آهن، 3 نومبر وارو قدم به ڏٺو پر ڪنهن ٻارڙن کي مارڻ جون ڌمڪيون نه ڏنيون، ٻارڙن کي مارڻ جون ڌمڪيون دهشتگرد ۽ مافيا ڏيندا آهن، نهال هاشمي کي اهڙي مافيا بڻجڻ تي مبارڪ هجي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته گهڻا وزير ۽ حڪومتي ميمبر اهڙي منظم مهم جو حصو آهن. جسٽس اعجاز افضل چيو ته هو فرشتا نه پر انسان آهن ۽ هنن کان به غلطيون ٿينديون آهن، اسان جيڪو به فيصلو ڪندا آهيون آئين ۽ قانون موجب ڪندا آهيون. سپريم ڪورٽ نهال هاشمي کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي 5 جون تائين جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ جو چوڻ هو ته 5 جون تي نهال هاشمي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو…

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *