”توهان کي روسٽرم تي ڪنهن گهرايو“ چيف جسٽس جي عامر لياقت کي ڇنڊ

اسلام آباد(بيورو) اينڪر پرسن ڊاڪٽر عامر لياقت حسين سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي خلاف توهين عدالت دروخواست جي ٻڌڻي دوران بنا اجازت جي روسٽرم تي اچي ويو جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. خانگي ٽي وي چينل جي ميزبان عامر لياقت حسين سپريم ڪورٽ ۾ اجازت وٺڻ کان سواءِ ئي روسٽرم تي اچي بيهي رهيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي فلائيٽ دير جو شڪار ٿي وئي ان ڪري آئون بروقت نه پهچي سگهيس ان ڪري ٻيهر ٻڌڻي شروع ڪئي وڃي. عامر لياقت جي گهر تي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس ثاقب نثار هدايت ڪندي  ريمارڪس ڏنا ته ” توهان کي روسٽرم تي ڪنهن گهرايو“؟ چيف جسٽس عامر لياقت جي حرڪت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عدالت ۾ تهذيب ۽ احترام جو دامن هٿ مان نه ڇڏجي. جڏهن ڪيس ختم ٿي وڃي ته پوءِ روسٽرم تي ناهي اچبو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *