بيديان روڊ تي آدم شماري ٽيم تي آپگهاتي ڌماڪو، 5 فوجين سميت 6 ڄڻا شهيد، 10 زخمي

April 6, 2017 at 2:17 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور(م ڊ): لاهور جي علائقي بيديان روڊ تي آدمشماريءَ جي ٽيم مٿان دهشتگرد حملو، پاڪ فوج جي ۴ جوانن سميت ٦ ڄڻا شهيد ٿي ويا، ميڊيا موجب لاهور جي علائقي بيديان روڊ تي خودڪش حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٦ ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته ۱۸ کان وڌيڪ زخمي پڻ ٿي پيا آهن، آدمشماري ٽيم جي اهلڪارن جن ۾ پاڪ فوج جا جوان به شامل هئا، انهن تي ان وقت حملو ڪيو ويو جڏهن آدمشماري ڳڻپ جي لاءِ وين ۾ اچي رهيا هئا، خودڪش بمبار پنهنجو پاڻ کي عملي جي گاڏي جي ڀرسان ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جي ۴ جوانن سميت ٦ ڄڻا شهيد ٿي ويا، شهيد ٿيندڙ ٻن اهلڪارن جو واسطو سنڌ ريجمنٽ جڏهن ته هڪ جو ۱۰ هين ايل اين سي سان هو، جڏهن ته اهلڪارن جي سڃاڻپ رياض، ساجد ۽ عبدالله نالي ٿي آهي، ڌماڪي کان پوءِ سيڪيورٽي فوسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ دهشتگردن جي سهولتڪارن خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، هوڏانهن لاشن ۽ زخمين کي جنرل اسپتال ۽ سي ايم ايڇ پهچايو ويو، جتان ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ۱۰ ڪلو گرام کان وڌيڪ بارودي مواد استعمال ڪيو ويو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته خودڪش بمبار جي منڍي ملي وئي آهي، جيڪو ازبڪ لڳي رهيو آهي، جنهن جي عمر تقريبن ۲۰ کان ۲۵ سالن تائين آهي.لاهور ۾ بيديان روڊ تي ٿيندڙ خودڪش ڌماڪي کان پوءِ ٿاڻي جي حدن جي حوالي سان هيئر ۽ ڊفينس بي جي پوليس اهلڪارن ۾ منهن ماري پڻ ٿي آهي، ڊفينس بي ٿاڻي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو اسان جي حد ۾ ناهي ٿيو جڏهن ته هيئر ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو اسان جي حد ۾ ناهي ٿيو، ان جي باوجود اعليٰ آفيسرن جي حڪم تي ڊفينس بي ٿاڻي تي ڌماڪي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن صدر ممنون حسين، وزير اعظم نواز شريف ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت پڻ ڪئي آهي،

اي پيپر