بني گالا ۾ ناجائز حد دخليون ۽ وڻ وڍڻ جي شڪايتن کان سواءِ وڌيڪ مسئلا به سامهون آيا آهن: چيف جسٽس
June 2, 2017 at 7:56 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (اين اين آءِ)چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار چيو آهي ته بني گالا ۾ ناجائز حد دخليون ۽ وڻن جي وڍڻ جون شڪايتون ۽ ٻيا وڌيڪ مسئلا به سامهون آيا آهن، بني گالا ۾ غير ضروري اڏاوتون وڌيون آهن، مسئلو اهو آهي ته انهن کي ڪيرايو وڃي يا ريگوليٽ ڪيو وڃي. بني گالا ۾ ناجائز حد دخلين بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ تي چيف جسٽس ثاقب نثار درخواست ڪندڙ عمران خان وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي شڪايت اها هئي ته بني گالا ۾ حد دخليون آهن ۽ بوٽينيڪل گارڊن ۾ وڻن جي واڍي ٿي رهي آهي، چيف جسٽس چيو ته سي ڊي آي اسلام آباد جي رپورٽ ۾ ٻيا ڪيترائي مسئلا سامهون آيا جنهن غير قانوني جي اڏاوت جو هڪ وڏو انگ به شامل آهي، سوال اهو آهي ته انهن عمارتن کي ڪيرايون وڃي يا ريگوليٽ ڪيو وڃي، چيف جسٽس چيو ته راول ڊيم ۾ پاڻي جو مسئلو به آهي چاهيون ٿا جيڪو مسئلو سامهون اچي ته ان جو حل ڪڍيو وڃي، چيف جسٽس چيو ته بهتر آهي ته سموريون ڌريون گڏجي مسئلن جي نشاندهي ڪن. عمران خان جي وڪيل چيو ته عدالت پاران پاڻمرادي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ بني گالا ۾ غير قانوني اڏاوتون ۽ وڻ جي واڍي ۾ فرق پيو آهي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي جون جي ٽين هفتي ۾ ٿيندي.