بلوچستان پاڪستان جو دل آهي، هر صورت ۾ امن قائم ڪنداسين: آرمي چيف

January 6, 2017 at 12:53 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

خضدار(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته بلوچستان ۾ 30 هزار فوجي جوان خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن. بلوچستان پاڪستان جو دل آهي ۽ ”خضدار“ سميت بلوچستان ۾ هر قيمت تي امن قائم ڪنداسين. خضدار ۾ اقتصادي راهداري منصوبي تي سيمينار سان خطاب ڪندي هن چيو ته بلوچستان ۾ هر قيمت تي امن قائم ڪنداسين. ڪوئيٽا ۾ به انجنيئرنگ يونيورسٽي جو ڪيمپس بڻايو پيو وڃي. پاڪ فوج امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي. آرمي چيف پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته ايئرفورس ۾ بلوچستان کي به نمائندگي ڏني وئي آهي. بلوچستان مان 25 هزار ٻار ايف سي ۽ آرمي پبلڪ اسڪولن ۾ تعيلم حاصل ڪري رهيا آهن.

اي پيپر