برطانوي شهر مانچسٽر ۾ ڪنسرٽ دوران آپگهاتي ڌماڪو، 22 ڄڻا مارجي ويا، 59 زخمي
May 24, 2017 at 8:37 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لنڊن( م ڊ ) برطانوي ۾ مانچسٽر ايرينا ۾ هڪ ڪنسرٽ دوران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 59 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. آمريڪي ڳائڻي آريانا گرينڊي جي ڪنسٽرٽ ۾ زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته 59 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ڌماڪي کانپوءِ هر طرف ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. واقعي کانپوءِ مارجي ويلن جي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مانچيسٽر ۽ وڪٽوريا ٽرين اسٽيشنن کي بند ڪيو ويو. برطانوي وزيراعظم ٿريسا مي ڌماڪي کي نفرت جوڳو قرار ڏيندي پنهنجي چونڊ مهم ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ڪنسٽرٽ ۾ آمريڪي ڳائڻي آريانا گرينڊي کي فن جو مظاهرو ڪرڻو هو، سندس ترجمان موجب هو خيريت سان آهي. هڪ اکين ڏٺي شاهد موجب ڌماڪي کانپوءِ هر شخص دانهون ڪري ۽ ڀڄي رهيو هو، فرش تي ماڻهن جا ڪوٽ ۽ فون ڪريل هئا، ماڻهن پنهنجي هر شيءَ ڦٽو ڪري ڇڏي. اطلاعن موجب ڪنسٽرٽ واري هنڌ 18000 ماڻهن جي گنجائش موجود آهي، ڌماڪي واري وقت هزارين ماڻهو موجود هئا جن ۾ وڏو انگ نوجوانن جو آهي،