اپيڪس ڪميٽي جي فيصلن جي روشني ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ڪريڪ ڊائون جون تياريون مڪمل
November 18, 2017 at 3:48 amڪراچي (اين اين آءِ) اپيڪس ڪميٽي جي فيصلن جي روشني ۾ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز جي خلاف ڪريڪ ڊائون جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شهر جي 108 هنڌن کي حساس ڄاڻائي نگراني شروع ڪري ڇڏي آهي، رينجرز جا رزو جٿا به اسٽريٽ ڪرمنلز جي خلاف ڪاررواين ۾ شامل هوندا، ضلعو اوڀر، ملير ۽ ڪورنگي جا 21 هنڌ، سينٽرل ۽ اولهه جا 18 هنڌ، ڏکڻ ضلعي جي 19 هنڌن کي پهرين درجي ۾ ڪاررواين لاءِ چونڊيو ويو آهي، ٻئي درجي ۾ ڏکڻ جا 3، ملير، ڪورنگي ۽ ملير جا 12 هنڌ ۽ سينٽرل ۽ اولهه ضلعي جا 9 هنڌ شامل ڪيا ويا آهن، اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ڪاررواين لاءِ رينجرز جي ريگيولر فورس سان گڏ رزرو جٿا به روڊن تي موجود رهندا، شهر جي 108 اسنيپ چيڪنگ ۽ شڪي ماڻهن جي تلاشي وٺڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.