اين آر او ۾ جمهوريت، اليڪشن ۽ نواز شريف جي واپسي به هئي: آصف زرداري

August 30, 2017 at 6:55 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو): اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته اسان جي هر ڪيس جون چار کان پنج سئو ٻڌڻيون آهن، پريس ڪانفرنس ڪندي آصف زرداري چيو ته اين آر او ۾ جمهوريت، اليڪشن ۽ نواز شريف جي واپسي به هئي، اسان کي خبر هئي ته اسان تي سياسي ڪيسز بڻايا ويا آهن، مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪري بينظير جي حڪومت کي ڪيرايو ويو، هن چيو ته مون کي ايم پي او تحت بند ڪيو ويو، وڌيڪ ڪيسز ۾ ڪيس رکيو ويو، غلام اسحاق خان جي دور ۾ مون تي 12 ڪيسز بڻايا ويا، مون پنهنجا سڀ ڪيسز جيل ۾ ويهي وڙهيا، اهڙن ماڻهن کي اسان تي گواهه بڻايو ويو، جن کي مان سڃاڻيندو به نه هيس، هن چيو ته اسان عدليه سان ناهيون وڙهندا، مون چيو ته جيڪڏهن گاڏي جي ڪسٽم ڊيوٽي گهٽ ڏني وئي آهي ته گاڏي ضبط ڪريو، ان لاءِ منهنجي خلاف ڪيسز ڊگهي عرصي تائين هلايا ويا، انهن سوچيو ڪيس نه هلائينداسين ته نوڪري هلي ويندي، انهن جيترا ڪيسز مون تي بڻايا مان کٽي ويس، آصف زرداري چيو ته ڪو ڪلرڪ به اختيار واپس ناهي ڏيندو، مان 5 سال صدر رهيس، مون وٽ سمورا اختيار هيا، مون رضاڪاراڻي طور سمورا اختيار واپس ڪيو، نيب جو پنهنجو هڪ مائينڊ سيٽ آهي، نيب غريبن کي گڏ ڪري بليڪ ميل ڪري پيسا وٺي ڇڏي ڏيندو آهي،  پيپلز پارٽي ڪڏهن انتقامي ڪارروائي ناهي ڪئي، سوشل ميڊيا کان سڀ ڊڄندا آهن، اسان جي دور ۾ هڪ به سياسي قيدي نه هيو، ايئن ان لاءِ ڪيو ته جيئن چئي سگهان ته اسان جي دور ۾ هڪ به سياسي قيدي نه هيو، وزيراعظم هائوس کان بي بي کي 2 ڀيرا ڪڍيو ويو پر ڪا ريلي نه ڪڍي، نئون آئيني پيڪيج اسان 1973 جو آئين بحال ڪري ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته هاڻي مان ان لاءِ ناراض ناهيان ٿيو، اڃا ته مان انهن جي مدد ڪري رهيو آهيان، پاور گيمز ۾ جيل ۽ ڦاسيون هونديون آهن.

اي پيپر