ايندڙ نسلن کي معياري تعليم ۽ جديد ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ هلندڙ دور جي اشد ضرورت آهي: ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ
February 1, 2017 at 12:16 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): اقليتي معاملن بابت معاون خصوصي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ چيو آهي ته ايندڙ نسلن کي معياري تعليم ۽ جديد ٽيڪنالاجي تائين رسائي يقيني بڻائڻ موجود سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ته جيئن نوجوان نسل کي هلندڙ دور جي تقاضن ۽ چئلينجن جي عين مطابق جديد تعليم سان روشناس ڪرائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي دفتر ۾ آيل مختلف وفدن سان ڳالهائيندي ڪيو. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ چيو ته اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ ذهين ۽ ضرورتمند شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اقليتي معاملن وارو کاتو اسڪالرشپ فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن جي تحت پهرين مرحلي ۾ سرڪاري يونيورسٽين ۾ زير تعليم شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپ فراهم ڪئي ويندي. بعد ۾ ان دائري کي وڌائيندي ٻين تعليمي ادارن تائين وسيع ڪيو ويندو. هن چيو ته اسڪالرشپ فراهم ڪرڻ لاءِ ضرورتمندن کي نظر ۾ رکندي ميرٽ جي مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ جلد هڪ اعليٰ سطحي اسڪروئنٽي ڪميٽي به جوڙي پئي وڃي جيڪا ان سموري ڪارروائي جي مانيٽرنگ ڪري پنهنجون سفارشون مجاز اٿارٽي کي پيش ڪندي. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ چيو ته ميرٽ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقامي اخبارن ۾ ان سلسلي ۾ اشتهار شايع ڪيا ويا آهن جنهن جي آخري تاريخ 31 جنوري آهي ان کان پوءِ ڪميٽي پنهنجو ڪم شروع ڪندي ۽ نئين تعليمي سال جي شروعات کان اڳ اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپ فراهم ڪئي ويندي.