ايل او سي تي ڀارتي گولا باري سبب پيرسن عورت جي شهادت، پاڪستان جو سخت احتجاج

November 15, 2017 at 5:53 pm

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي کاتي لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا سبب گولا باري سبب عورت جي شهادت تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ميڊيا رپورٽن موجب پرڏيهي کاتي ڊپٽي هاءِ ڪشمر کي طلب ڪري ايل او سي تي ڀارتي گولا باري سبب 75 سالن جي محموده بيگم جي شهادت تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو. پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته سرحدي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ عام شهرين کي نشانو بڻائڻ کليل جارحيت آهي، ڀارت جنگبندي معاهدي جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ۽ اها ڀڃڪڙي سڄي خطي جي امن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي.

اي پيپر