ايران ناراض ڪري جهادي ڪمزور نٿا ڪري سگهجن: عالمي ميڊيا

May 23, 2017 at 7:38 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

رياض (م ڊ) سعودي عب ۾ عرب آمريڪا ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندڙ آمريڪي صدر ٽرمپ ماضي ۾ مسلمانن خلاف چڙ ڏياريندڙ بيان ڏنا. پرڏيهي ميڊيا مٿس ڇتي تنقيد ڪئي آهي ۽ لکيو آهي ته ٽرمپ ماضي ۾ مسلمانن ۽ سعودي عرب خلاف بيان ڏنا. گارڊين اخبار لکي ٿي ته هن ماضي ۾ سعودي عرب کي عورتن جو دشمن به قرار ڏنو. هن هفتي سعودي عرب کان اعليٰ ترين ميڊل به پاتو. اها اسٽريٽجڪ غلطي آهي ته ٽرمپ ان ملڪ جي اڳواڻن سان بغل گير آهي. جتي عورتن کي ڊرائيونگ جي اجازت ناهي پر لبرل ايراني حسن روحاني کي ٻيهر صدر چونڊڻ تي خوشي پيا ملهائن. ان ڳالهه جو اخلاقي طور دفاع نٿو ڪري سگهجي ته سعودي ساٿ ڏئي ۽ ايران کي ناراض ڪري جهادين کي ڪمزور ڪيو وڃي. سعودي عرب شام ۾ انتهاپسندن جي حمايت ڪئي. 0229

اي پيپر