اوباما جو آخري پرڏيهي دورو، يورپي اتحادين ۽ چين جي صدر سان ملندو

November 14, 2016 at 11:58 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي آخري پرڏيهي دوري تي جلد روانو ٿي ويندو. آمريڪا جي قومي سلامتي جي سهڪاري صلاحڪار بين رهوڊز ميڊيا کي ٻڌايو ته سڀ کان پهريان صدر اوباما يونان ويندو جتي هو پارٽنون جو دوور ڪندو ۽ ايٿنز ۾ عالمگيريت جي چئلينجن تي اهم تقرير ڪندو. اتان کان پوءِ اوباما جرمني لاءِ روانو ٿيندو، جتي هو خميس تي چانسلر انجيلا مرڪل سان گڏيل معاملن تي ملاقات ڪندو ۽ گڏيل اخباري ڪانفرنس ڪندو. برلن ۾ هو برطانيا ۽ فرانس جي اڳواڻن سان به پڻ ملاقات ڪندو. برلن مان هو ليما ويندو. جتي پيرو ۾ هو ايشيا پيسيفڪ معاشي سهڪار (اي پي اي سي) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. سربراهي اجلاس جي احاطي کان ٻاهر ڇنڇر تي اوباما چيني صدر رشي جن پنگ سان گڏيل معاملن تي ملاقات ڪندو. جڏهن ته آچر تي آسٽريليا جي وزيراعظم مالڪم ٽرن بل سان ملندو.

اي پيپر